ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي مندي جو رجحان نظر اچي رهيو آهي.
پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس ٽريڊنگ دوران 1,954 پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ 177,648 پوائنٽس تي اچي ويو، 100 انڊيڪس 179,969 جي بلند ترين ۽ 177,622 جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو.
گذريل هفتي جي آخري ڏينهن تي واپار جي بند ٿيڻ تي، 100 انڊيڪس 177,622 پوائنٽس تي بند ٿيو










