اسلام آباد ۾ ماني جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ نان ۽ ماني جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.نان بائي ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر نان ۽ مانيءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي چئلينج ڪيو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ماني جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن 6 مئي تي ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل رهندو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته پنجاب ۾ 120 گرام روٽي 25 رپيا آهي.ضلعي حڪومت جي نمائندي بئريسٽر عمر اعجاز گيلاني چيو ته اها ٻي صوبائي حڪومت آهي، هتي اٽو مهانگو آهي ۽ اسلام آباد ۾ به ڪرايا وڌيڪ آهن، لاڳاپيل آفيسر موجود نه آهن، کين مناسب وقت ڏنو وڃي. جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته تندور وارن کان پڇيو ته اٽو ڪيترو اچي رهيو آهي يا ماڻهن کي خوش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو؟،عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪندي چيو ته ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي جواب عدالت ۾ جمع ڪرائڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو