اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ گجگوڙ سان تيز برسات

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ گجگوڙ سان تيز برسات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي.آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به تيز برسات پئي آهي، جنهن کان پوءِ درياءَ ۽ واهه ڀرجي ويا آهن.پشاور، اتر وزيرستان، صوابي ۽ مردان جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي آهي، جڏهن ته گجرات ۽ شڪر ڳڙهه ۾ به ڪڪر ڇانيل آهن.موسميات کاتي موجب، اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ اڄ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ موسم جزوي طور تي ڪڪر رهندي، ۽ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات يا بوندا باندی ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو