اسلام آباد ايئرپورٽ 8 ڏينهن بند رهڻ جون خبرون سچيون ناهن: ترجمان

اسلام آباد ايئرپورٽ 8 ڏينهن بند رهڻ جون خبرون سچيون ناهن: ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته اسلام آباد ايئرپورٽ کي 8 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جي خبر سچ ناهي.ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان موجب، مخصوص ڏينهن ۽ وقتن تي پروازن جي آمد ۽ روانگي صرف 2 ڪلاڪن لاءِ معطل ڪئي ويندي.ترجمان موجب، آزادي جي ڏينهن کان اڳ جهازن جي ريهرسل جي ڪري فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويندو.11 کان 14 آگسٽ تائين، فلائيٽ آپريشن صبح 11 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين بند رهندو، جڏهن ته 11 کان 13 آگسٽ تائين، فلائيٽ آپريشن رات 8 وڳي کان رات 10 وڳي تائين بند رهندو.ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو ته مختصر وقفن کانسواءِ، ايئرپورٽ تي سڀئي پروازون معمول مطابق جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو