اسرائيل غزهه ۾ 20 سالن کان جاري افغان جنگ کان وڌيڪ شهري ماريا

اسرائيل غزهه ۾ 20 سالن کان جاري افغان جنگ کان وڌيڪ شهري ماريا

واشنگٽن (ُيب ڊيسڪ)آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب اسرائيل غزه ۾ تازي جنگ ۾ شهرين جو تيز ترين قتل عام ڪيو.نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب 48 ڏينهن ۾ اسرائيلي فوج هٿان شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ افغانستان ۾ آمريڪا جي 20 سالن جي جنگ کان به وڌيڪ آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل عراق جنگ جي پهرين سال جي مقابلي ۾ 7 هفتن جي هوائي حملن ۾ ٻه ڀيرا وڌيڪ شهري ماريا ۽ غزه ۾ 48 ڏينهن ۾ شهري مارجي ويا يوڪرين جي جنگ جي 2 سالن کان به وڌيڪ آهن.آمريڪي اخبار موجب غزه جنگ جي پهرين ٻن هفتن ۾ اسرائيل طرفان غزه تي ڪيرايل 90 سيڪڙو بم هڪ هزار کان 2 هزار پائونڊ وزني هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو