استادن جي رهنمائي لاءِ “سنڌ ٽيچرز هيلپ لائين” قائم

استادن جي رهنمائي لاءِ “سنڌ ٽيچرز هيلپ لائين” قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي سنڌ استادن جي رهنمائي ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهم اڳڀرائي ڪندي “سنڌ ٽيچرز هيلپ لائين” قائم ڪري ڇڏي آهي. هي هيلپ لائين سڄي سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي استادن لاءِ مخصوص ھوندي، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي استادن جي شڪايتن، تجويزن ۽ پيشيوراڻي رهنمائي لاءِ هڪ باقاعده ۽ مؤثر پليٽ فارم فراهم ڪيو ويو آهي، جيڪو استادن جي مسئلن جي وقت سر حل ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هي ٽيچرز هيلپ لائين سنڌ ٽيچر ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي (STEDA) جي 18هين بورڊ آف گورنرز اجلاس جي فيصلي تحت قائم ڪئي وئي آهي. شروعاتي مرحلي ۾ هيلپ لائين هر اربع ڏينهن منجهند 12 وڳي کان 2 وڳي تائين فعال رهندي. استادن جون شڪايتون ۽ مسئلا صوبائي اسيمبلي رڪن تنزيلا ام حبيبه ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز (DGIRPI) جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر رافيه جاويد ملاح تي ٻڌل ريڊريسل ڪميٽي سڌو سنئون وصول ڪندي. استاد هيلپ لائين نمبر 1464945-0315 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. وزير تعليم چيو ته هن قدم استادن جي آواز کي پاليسي سازي جو حصو بڻائڻ ۾ اھم ثابت ٿيندو، جنهن جو سڌو فائدو استادن جي پيشاورانه ترقي ۽ سندن مسئلن جي مؤثر حل جي صورت ۾ سامهون ايندو. هن وڌيڪ چيو ته “شفاف ۽ جوابده نظام سان ئي مسئلن جي درست نشاندهي ۽ انهن جي حل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.” هيلپ لائين ذريعي ملندڙ تجويزون STEDA بورڊ ۾ پيش ڪيون وينديون ته جيئن استادن جي سڌي نمائندگي کي پاليسي جو حصو بڻائي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو