اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ارشد شريف قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس عامر فاروق سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن حامد مير جي درخواست تي ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.عدالت رجسٽرار آفيس جي اعتراضن کي رد ڪندي درخواست کي نمبر ۽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار جي وڪيل چيو ته رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ ۾ التوا واري معاملي تي اعتراض ڪيو هو.عدالت حڪم ڏنو ته وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ڪارروائي جون تصديق ٿيل ڪاپيون جمع ڪرائين.










