لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي احمد خان ڀچر کي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي عهدي تان هٽايو ويو آهي، پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ احمد خان ڀچر کي اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. ڪجهه ڏينهن اڳ، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي جي ڪيس ۾ احمد خان ڀچر کي مجرم قرار ڏنو ۽ کيس 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت جي سزا کان پوءِ، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ احمد خان ڀچر کي نااهل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.










