اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي احتساب بيورو (نيب) جو چوڻ آهي ته احد چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو نيب ريفرنس ناهي، سندس سمورا اثاثا سندس آمدني مطابق آهن. اهڙو اظهار آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ لاهور جي احتساب عدالت ۾ احد چيما جي بريت واري درخواست تي نيب طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته احد چيما جي مبينا بي ناميدارن ذاتي آمدني مان ملڪيتون ٺاهيون، سندن مبينا بي ناميدارن جي ملڪيتن کي احد چيما سان ڳنڍي نٿو سگهجي. نيب چيو آهي ته احد چيما جا مائٽن جا اڪائونٽ بي نامي اڪائونٽ ناهن، ٻيهر جاچ موجب احد چيما جي ڪل آمدني 213 ملين ۽ خرچ 131 ملين آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته احد چيما جا ٺاهيل اثاثا سندس آمدني مطابق آهن، ٻيهر جاچ دوران احد چيما پنهنجي آمدني ۽ منافعي جو رڪارڊ نيب کي فراهم ڪيو. نيب رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته احد چيما پاران جمع ڪرايل رڪارڊ جي تصديق ڪئي وئي، سندس رڪارڊ صحيح ثابت ٿيو. نيب احتساب عدالت کي استدعا ڪئي ته احد چيما جي بريت واري درخواست تي قانون موجب فيصلو ڪيو وڃي










