احتجاج ۽ ريلي ڪڍڻ جي اجازت آهي، رستا بند ڪرڻ جي ناهي

احتجاج ۽ ريلي ڪڍڻ جي اجازت آهي، رستا بند ڪرڻ جي ناهي

ڪراچي(اسڙاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هر ڪنهن کي احتجاج ۽ ريلي ڪڍڻ جي اجازت آهي، پر اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ڪنهن کي به روڊ بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته احتجاج لاءِ ڪيتريون ئي جڳهيون آهن، پر مکيه روڊن تي احتجاج نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته هر ڪنهن کي احتجاج ڪرڻ ۽ ريليون ڪڍڻ جي اجازت آهي، پر ڪنهن کي به اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ رستا بلاڪ ڪرڻ يا عوام کي تڪليف پهچائڻ جي اجازت نه هوندي. ان کان علاوه ڪشمير ڊي ريلي کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺا آهن ۽ اسان جي جدوجهد ڪشمير جي آزادي تائين جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو