اجي بانگا جي لاڙڪاڻي آمد، ڳوٺ بهاول جت جو دورو

اجي بانگا جي لاڙڪاڻي آمد، ڳوٺ بهاول جت جو دورو

لاڙڪاڻو:(ن س) ورلڊ بينڪ جو صدر اجي بانگا لاڙڪاڻو پهچي ڳوٺ بهاول جت جو دورو ڪيو، جتي هن ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ڪيل گهرن جو جائزو ورتو. مقامي ماڻهن مهمانن جو روايتي انداز سان استقبال ڪيو. ورلڊ بينڪ جي صدر تعمير ٿيل گهرن ۽ ڪميونٽي سينٽر جو به دورو ڪيو ۽ اتي موجود عورتن سان ملاقات ڪئي.ورلڊ بينڪ جي صدر اجي بانگا سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام کي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪميونٽي قيادت هيٺ هلندڙ هائوسنگ منصوبو قرار ڏيندي چيو ته هن پروگرام تحت خاندان پاڻ پنهنجا گهر تعمير ڪري رهيا آهن، جنهن سان آمدني ڪميونٽي اندر ئي رهي ٿي ۽ مقامي مزدورن کي روزگار جا موقعا ملي رهيا آهن۔ تقريب دوران عورتن ۾ مالڪاڻا حقن جون صنعتون پڻ ورهايون ويون، جڏهن ته ڪميونٽي سينٽر ۾ سنڌي ثقافت جي جھلڪ نظر آئي، جتي رليون، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪيون ويون۔ورلڊ بينڪ جي صدر عورتن جي هٿ جي هنر کي ساراهيندي چيو ته عورتن جي معاشي شموليت سان گهريلو آمدني ۽ مقامي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي۔ هن چيو ته محفوظ گهر، صاف پيئڻ جو پاڻي ۽ بهتر صفائي صحت مند سماج جي بنياد آهن۔ اجي بانگا بهاول جت ۾ يادگاري وڻ پڻ لڳايو۔ ورلڊ بينڪ جي صدر موجب سنڌ جو هائوسنگ ماڊل آفتن کانپوءِ بحالي لاءِ عالمي مثال بڻجي رهيو آهي، جتي ڪميونٽيز کي مرڪزي ڪردار ڏئي پائيدار ترقي کي هٿي ڏني پئي وڃي۔ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهرن جي تعمير هڪ تاريخي قدم آهي، جنهن تحت 15 لک کان وڌيڪ گهر زير تعمير آهن، جڏهن ته ساڍا ست لک گهر مڪمل ٿي چڪا آهن۔ پروگرام تحت مستفيد خاندانن جا بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن ۽ رقم سڌي طرح منتقل ڪئي پئي وڃي۔

پهنجو تبصرو موڪليو