آواران ۾ فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر شھيد

آواران ۾ فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر شھيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي آواران ضلعي ۾ هڪ آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز فتنه الھندوستان جي ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، فائرنگ جي تبادلي ۾ ميجر سيد رب نواز طارق شهيد ٿي ويو.انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، سيڪيورٽي فورسز اڄ بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ انٽيليجنس ان پٽ جي بنياد تي آپريشن ڪيو. هي آپريشن هندستاني پراڪسي ‘فتنہ الهندستان’ جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.آپريشن دوران، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ فتنه الھندوستان سان تعلق رکندڙ ٽي دهشتگرد مارجي ويا.جڏهن ته، فائرنگ جي سخت تبادلي ۾، ميجر سيد رب نواز طارق (عمر: 34 سال، ضلعو مظفر آباد)، جيڪو بهادري سان فرنٽ لائن تي سپاهين جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، دهشتگردن سان فائرنگ جي سخت تبادلي ۾ پاڻ کي مادر وطن لاءِ قربان ڪري ڇڏيو ۽ شهادت جو عظيم درجو حاصل ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو