آزاد ڪشمير جي 18 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

آزاد ڪشمير جي 18 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 18 ميمبرن واري ڪابينا حلف کڻي ورتو.صدر بئريسٽر سلطان محمود جي بيماري سبب اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ڪابينا ميمبرن کي حلف کڻايو.آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ پڻ حلف برداري تقريب ۾ موجود هو.حلف کڻندڙن ۾ 16 وزير ۽ 2 صلاحڪار شامل آهن.آزاد ڪشمير حڪومت جي ٻن صلاحڪارن به عهدي جو حلف کنيو آهي، وزيراعظم صلاحڪارن کي حلف کڻايو.

پهنجو تبصرو موڪليو