آبادي ۾ تيزي سان واڌ انتهائي پريشان ڪندڙ آهي: تارڙ

آبادي ۾ تيزي سان واڌ انتهائي پريشان ڪندڙ آهي: تارڙ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ آبادي ۾ تيزي سان اضافو تمام گهڻو پريشان ڪندڙ آهي، وڌندڙ آبادي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عوامي شعور پکيڙڻ ضروري آهي.اسلام آباد ۾ پاڪستان پاپوليشن سمٽ 2025 کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تيزي سان وڌندڙ آبادي جي ڪري صحت، تعليم ۽ ٻيا شعبا وڏن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته آبادي جي دٻاءُ ملڪ جي وسيلن تي به واضح بار وجهي ڇڏيو آهي.هن چيو آهي ته شعور جي کوٽ سبب آبادي جو مسئلو وڌيڪ سنگين ٿيندو پيو وڃي، جيڪو ترقي جي رفتار کي به متاثر ڪري رهيو آهي. وڌندڙ آبادي نه رڳو معيشت تي پر بنيادي ڍانچي جي نظام تي به ڳرو بار بڻجي رهي آهي، جڏهن ته سماج جي هر طبقي کي هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.وفاقي وزير وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقي جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ متوازن آبادي ضروري آهي ۽ آبادي جي چئلينج کي مؤثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو