ڳجهن ادارن جي اهلڪارن جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخلا تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڳجهن ادارن سان سلهاڙيل اهلڪارن جي عدالت ۾ داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي. جسٽس طارق محمود جهانگيري ڳجهن ادارن سان سلهاڙيل اهلڪارن جي عدالت ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي ڪمري ٻاهر مقرر پوليس اهلڪار ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. پوليس اهلڪار ٻڌايو ته عدالت جي هدايت آهي ته ڳجهن ادارن سان سلهاڙيل ماڻهن کي عدالتي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو