گوگا کوکر چاچي جو قاتل هو، کانئس بدلو ورتم، جوابدار

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نامزد صوبائي وزيراسد کوکر جي ڀاءُ مدثر عرف گوگا کي قتل ڪندڙ گرفتار جوابدار اهم انڪشاف ڪيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ناظم شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته هو شادي جي تقريب ۾ سوا 8 وڳي آيو۽ سيڪيورٽي وارن چيڪ ئي نه ڪيو، تقريب ۾ مهمانن سان وڃي گڏ ويهي رهيس، هن ٻڌايو ته اسد کوکر ۽ ان جو ڀاءُ مدثر ٻه ڀيرا هن وٽان گذريا، پنجاب جو وڏو وزير جڏهن واپس وڃڻ لڳو ته ٽئي ڀائر ساڻس گڏ هئا ۽ مان هنن جي پٺيان ٻاهر نڪري آيس، وڏو وزير گاڏي ۾ ويٺو ته اڳتي وڌي مبشر تي فائرنگ ڪئي، جنهن پستول سان فائرنگ ڪئي اهو لائسنس وارو آهي ۽ 40 هزار روپين ۾ خريد ڪيو هو، پوليس موجب جوابدار پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته مبشر کوکرسندس چاچي جي قتل ۾ ملوث هو، جڏهن ته جوابدار منشا جي قتل ڪيس ۾ 8 سال جيل ڪاٽي آيو آهي، هن قتل جو منصوبو هن پاڻ ٺاهيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مقتول مبشر کوکر جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو، جنهن جي رپورٽ موجب مبشر کي کوکر جي کاٻي اک ۾ گولي ويجهي کان هنئي وئي جيڪا آر پار ٿي وئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن نامزد وزير اسد کوکر جي پٽ جي وليمي واري تقريب ۾ وزيراعليٰ عثمان بوزدار جي موجودگي ۾ هي واقعو پيش آيو جنهن ۾ مبشر کوکر کي قتل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو