خانپور مهر:سڱاوتي تڪرار تان 3 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

خانپور مهر:سڱاوتي تڪرار تان 3 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

خانپورمهر: (ن س) خانپور مهر ڀرسان لُنڊي ٽوڙي واري علائقي ۾ سڱاوتي تڪرار تان شاهنواز پتافي جي گهر تي حملو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جوابي فائرنگ دوران 3 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ دودو پتافي، اصغر پتافي ۽ حضور بخش پتافي شامل آهن جڏهن ته علي نواز، زبير ۽ حبيب الله پتافي زخمي ٿي پيا جن مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.واقعي جي اطلاع ملڻ شرط خانپور مهر پوليس وڏي نفري سان واقعي واري هنڌ پهچي علائقو کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. پوليس لاش قبضي ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ ڌر جي ماڻهن شاهنواز پتافي جي گهر تي حملو ڪيو جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ ۾ شروع ٿي وئي، جنهن دوران 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب مارجي ويلن مان ڪجهه جو تعلق پنجاب سان آهي . واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو