ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بفرزون ۾ هڪ گهر ۾ ڦر جي دوران پوليس سان مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڦورو مارجي ويا.ايس ايس پي ذيشان شفيق پوليس مقابلي جي دوران 3 ڦورن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي چيو ته مقابلي جي دوران هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ به گرفتار ڪيو ويو آهي.هن ٻڌايو ته علائقي جي رهواسين گهر ۾ شڪي سرگرميون ڏسي پوليس کي اطلاع ڏني پوليس موقعي تي پهتي ته ڦورو گهر کان ٻاهر نڪري رهيا هئا، انهي دوران انهن سان مقابلو ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي ذيشان شفيق چيو آهي ته مارجي ويل جوابدارن وٽان، هٿيار، ڦر ڪيل سامان به هٿ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.










