ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اڄ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (CTD) سنڌ جي هيڊ آفيس جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍهو سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي غلام اظفر مهيسر، گهرو وزير کي دهشتگردي خلاف جاري انٽيليجنس بنياد تي آپريشنن، آپريشنل ڪارڪردگي، اداري جي پيشيوراڻي صلاحيت، مستقبل جي حڪمت عملي ۽ پيش ايندڙ چئلينجن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي آپريشنز ون، ايس ايس پي سي ٽي ڊي آپريشنز ٽو سميت ٻين سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران دهشتگردي خلاف جاري ڪارروائين، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، انٽيليجنس شيئرنگ، فرانزڪ صلاحيتن ۽ ادارن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، سي ٽي ڊي جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي، دهشتگردي خلاف ڪامياب ڪارروائين ۽ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بهادري ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سي ٽي ڊي صوبي جي صفِ اول واري فورس آهي، ۽ اداري جي مضبوطي سنڌ ۾ پائيدار امن جي ضمانت آهي. هن هدايت ڪئي ته موجود ۽ گهربل وسيلن بابت جامع سفارشون فوري طور تي پيش ڪيون وڃن، ته جيئن سنڌ حڪومت ترجيحي بنيادن تي اداري جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي. گهرو وزير چيو ته سنڌ حڪومت سي ٽي ڊي جي ڪارڪردگي، پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪندي. هن زور ڏنو ته سي ٽي ڊي کي جديد هٿيارن، انٽيليجنس، فرانزڪ ۽ فني سهولتن سان وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، ته جيئن دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ مالي مددگارن خلاف بنا ڪنهن فرق جي وڌيڪ اثرائتيون ڪارروائيون تيز ڪري سگهجن. ضياءُ الحسن لنجار ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگرد عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل جاري رکيو ويندو، ۽ امن دشمن عنصرن لاءِ سنڌ ۾ ڪا به جاءِ ناهي. هن هدايت ڪئي ته انٽيليجنس بنياد تي آپريشنن ۽ وفاقي حساس ادارن سان بين الادارتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، ته جيئن دهشتگردي جي هر نيٽ ورڪ جو بروقت ۽ مؤثر خاتمو يقيني بڻائي سگهجي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي چيو ته سنڌ پوليس دهشتگردي خلاف هر محاذ تي مڪمل قوت، پختي عزم ۽ پيشيوراڻي مهارت سان سرگرم عمل آهي. هن چيو ته وفاقي حساس ادارن سان مؤثر رابطن ۽ بروقت معلومات جي ڏي وٺ سبب دهشتگرد عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروائيون لاڳيتو جاري آهن. آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته سي ٽي ڊي جديد انٽيليجنس، سائنسي جاچ، فرانزڪ سهائتا ۽ مربوط آپريشنل حڪمت عملي ذريعي دهشتگرد نيٽ ورڪن جو اثرائتو تعاقب ڪري رهي آهي، جڏهن ته اداري جي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ جديد وسيلن جي مؤثر استعمال وسيلي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪيا پيا وڃن.










