گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري، پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، پوليس کي گهرو سيڪريٽري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان صحافي سميع ابراهيم جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران فيصلو ٻڌايو.عدالتي حڪم باوجود گهرو سيڪريٽري 11 وڳي تائين عدالت آڏو پيش نه ٿيو، سرڪاري وڪيل چيو ته سيڪريٽري رستي ۾ آهي، ان کان اڳ عدالت عدالتي حڪمن باوجود سميع ابراهيم جو نالو اي سي ايل مان خارج نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس سردار اعجاز اسحاق رمارڪس ۾ چيو ته جي ڊي پاسپورٽس اچي چوندو ته اسان کي گهرو وزارت چيو هو.عدالت گهرو سيڪريٽري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، واڳيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي سيڪريٽري کي عدالت آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت، عدالت چيو ته سيڪريٽري مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو ته ايس ايڇ او کي گرفتاريءَ جوحڪم ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو