گم ٿيل ماڻهن کي جديد اوزارن جي مدد سان ڳولڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ، سنڌ جي گهرو کاتي، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کان 15 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 15 کان وڌيڪ گم ٿيلن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته آءِ جي سنڌ کي ٻڌايو وڃي ته گم ٿيل ماڻهن جي جاچ ڪندڙ آفيسرن جي غير ضروري بدلي نه ڪئي وڃي، جديد دور ۾ روايتي طريقا استعمال ڪرڻ بدران جديد اوزارن جي مدد سان گم ٿيل ماڻهن جو هر طرح سان جائزو ورتو وڃي، گم ٿيلن جي وارثن جو هر طرح سان جائزو ورتو وڃي. ماڻهو سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري مشتاق جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هو ۽ سندس ذاتي دشمني هئي، جڏهن شهري غائب ٿيو ته ايم ڪيو ايم، ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ لياري گينگ وار هلي رهي هئي، مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا.عدالت حڪم ڏنو ته هاڻي ڳولا ڪريو، ايف آءِ اي کان سفري تاريخ وٺو، معلوم ڪيو ته هو ڪٿي ويو؟

پهنجو تبصرو موڪليو