گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ جديد طريقا اختيار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نينگري سميت 4 گم ٿيلن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي عدالت چيو ته جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جي اجلاسن باوجود گم ٿيل ماڻهن جو پتو ناهي پيو.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ جديد طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن.عدالت ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته گم ٿيل ڇوڪري ۽ ٻين جي ڳولا جاري آهي، رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.وڪيل چيو ته هڪ شهري جي ڳولا لاءِ 16 جي آءِ ٽي ۽ 4 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن.عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل ڇوڪري جن نمبرن سان رابطي ۾ هئي ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي.عدالت پوليس، گهرو کاتي ۽ وفاقي حڪومت کان ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جي لسٽ به طلب ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو