گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي لائيو هلندي، لنڪ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي لائيو ٻڌڻي لاءِ لائيو اسٽريمنگ لنڪ جاري ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ لائيو اسٽريمنگ لنڪ سان اپڊيٽ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ پاران لائيو اسٽريمنگ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن کي لائيو اسٽريم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ عدالت احمد فرهاد بازيابي ڪيس جي گذريل ٻڌڻي کي به لائيو اسٽريمنگ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو