گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ڪيس،پيش رفت رپورٽ طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته شهري معاذ، طلحه، محمد علي ۽ محمد طحه غائب آهن. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته جي آءِ ٽي جون ڪيتريون ٽيسٽون ڪيون ويون؟ گم ٿيل ماڻهن جو اڃا تائين پتو ڇو نه پيو ملي؟جاچ آفيسر جواب ڏنو ته 37 جي آءِ ٽي ۽ 15 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن، جلد بازياب ٿي ويندا.ٻڌڻي دوران شهري جي ماءُ عدالت کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ جنيد احمد 9 سالن کان نيو ڪراچي مان گم آهي، هو 9 سالن کان عدالتن ۽ پوليس اسٽيشنن جا چڪر هڻي رهيو آهي، جيڪڏهن مٿس ڪو ڏوهه آهي ته سامهون آندو وڃي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ان حوالي سان هن وقت تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته سي ٽي ڊي پوليس کي خط لکيو آهي، هنن جواب ڏنو ته اسان وٽ ڄاڻايل شهري ناهي، ٻين ادارن کي به خط لکيو آهي.جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪندي جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو