ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندن بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2 ڇوڪرين سميت 14 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت اڳڀرائي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي، جي آءِ ٽي ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران عدالت هدايت ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن بابت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو ٻيهر اجلاس ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي نئين درخواست تي گمشدگي جا ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي درخواستگذارن کي لاڳاپيل ٿاڻن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪري شهرين خلاف ڪارروائي ڪري. ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل عليشا، غفور، ادريس، افشان، عظيم، داد شاهه، دولت بخش، دلدار علي جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.
