ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث پوليس وٽ نٿا اچن ته پوءِ نه اچن. جيڪڏهن ڪو گم آهي ته رياست خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي. عدالت سچل مان گم ٿيل شهرين راشد ۽ نسيم جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پوليس ۽ ٻين ادارن کان 4 هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
