گم ٿيل شهري جي والد کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي گم ٿيل شهري هارون محمد جي پيءُ کي 30 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب هارون محمد جي بازيابي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت گم ٿيل شهري هارون محمد جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي چيو ته حڪومت ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ گم ٿيل شهري جي پيءُ کي معاوضو ادا ڪري.عدالت آءِ جي خيبرپختونخواهه کي درخواستگذار کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.عدالت سڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو به حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو