گم ٿيل سمير جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گم ٿيل سمير جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. گم ٿيل سمير آفريدي جي ماءُ عدالت کي ٻڌايو ته 8 سالن کان انصاف ناهي مليو.سرڪاري وڪيل چيو ته گم ٿيل سمير بابت ڄاڻ نه ملي رهي آهي، ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي حراستي مرڪزن ۽ جيل اختيارين کي خط لکيا ويا آهن.سمير جي ماءُ چيو ته هي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، هنن کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو آهي.سرڪاري وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت ۾ موجود ايس ايس پي سي ٽي ڊي کي به ٻڌو وڃي.ايس ايس پي عدالت کي ٻڌايو ته اسان سمير جي ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو بازياب نه ٿي سگهيو.درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته گم ٿيل سمير جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي.پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته شارع فيصل مان گم ٿيل سجاد احمد بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي.عدالت شهري سجاد جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ٻين گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس ۽ ٻين اختيارين کان رپورٽ به طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو