گم ٿيلن جي لسٽ ۾ جاچ آفيسرن کي شامل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسرن کي شهرين کي گم ڪيل جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.عدالت جاچ ۾ پيش رفت نه ٿيڻ تي جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۾ غفلت ڪندڙ جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. جسٽس نعمت الله چيو ته شهرين کي گم ڪرڻ وارن جوابدارن جي لسٽ ۾ جاچ آفيسر شامل ڪيا وڃن، اسان کي هر روز جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو وڃي، عدالت غور ڪندي ته شهرين جي گمشدگي ۾ جاچ آفيسرن جي به مدد ڪئي.پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته اورنگي ٽائون مان گم ٿيل شهري ظفر جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن.عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هڪ مهيني جو وقت ڏنو هو، اڄ ڇا ڪيو؟ جاچ آفيسر چيو ته اڳوڻو جاچ آفيسر بدلي ڪيو ويو هو.عدالت چيو ته جيڪا جاچ ٿي آهي اها رڪارڊ تي هوندي؟ ماڻهن جو صبر ختم ٿي ويو آهي.سپريم ڪورٽ ان حوالي سان جاچ آفيسر ۽ ٻين ادارن کان 18 ڊسمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو