گم ٿيلن جي بازيابي ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري ڪيس ۾ سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کي 2 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس امجد علي سهتو 2 ٻارڙن سميت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ سنڌ جي گهرو کاتي جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کي 2 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کان جبري گمشدگين جي نشاندهي ۽ وارثن کي معاوضو ڏيڻ بابت به رپورٽ طلب ڪري ورتي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار عورت عدالت ۾ چيو ته سندس مڙس 8 سالن کان گم آهي، اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، اسان وٽ ڪا سفارش به ناهي، جنهن تي جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته اسان ڪنهن جي به سفارش نه ٿا ٻڌون. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته عدالت سمورن گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.جنهن بعد عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 2 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو