ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته “ماءِ ڪراچي ايڪسپو” شهر جي ڪئلينڊر جو هڪ اهم ۽ مستقل باب بڻجي چڪو آهي، جيڪو ڪيترن ئي چيلينجن باوجود ڪراچي جي مضبوط هجڻ، تنوع ۽ معاشي سرگرمين جي عڪاسي ڪري ٿو۔ 21هين ماءِ ڪراچي نمائش کي خطاب ڪندي وڏي وزير ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) کي تقريب جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ايونٽ جي تسلسل کي دٺو سوڻ قرار ڏنو۔ هن چيو ته آچر نمائش جو آخري ڏينهن آهي، جنهن دوران گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ لکين شهرين شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير چيو ته نمائش ۾ ڪيترن دوست ملڪن سندن اسٽال لڳايا، جتي بين الاقوامي ڀائيوارن پنهنجي شين ۽ ثقافت جي نمائش ڪئي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ ايڪسپو جو رخ ڪيو ۽ خريداري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو۔هن تازي افسوسناڪ واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسلام آباد سانحي سبب قوم اڃا تائين غمگين آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ گل پلازه جو واقعو پڻ عوام لاءِ انتهائي ڏکيو ثابت ٿيو۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪي سي سي آءِ سان گڏجي گل پلازه جي متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ممڪن حد تائين نقصانن جو ازالو ڪري سگهجي۔مراد علي شاهه چيو ته ڪيترن ئي چيلينجن باوجود سنڌ هڪ متحرڪ صوبو آهي۔ هن چيو ته تازو ڪراچي ۾ علائقائي ۽ بين الاقوامي سطح جا وڏا ايونٽس منعقد ٿيا، جن ۾ ستون سائوٿ ايسٽ ايشين پارليامينٽيرينز سيشن، ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو 17هون ايڊيشن ۽ حضرت لعل شهباز قلندر جي 774هين عرس جون تقريبون شامل آهن۔ هن اهو پڻ ياد ڏياريو ته ڪجهه مهينا اڳ منعقد ٿيندڙ بين الاقوامي ثقافتي ميلو لڳ ڀڳ 39 ڏينهن جاري رهيو۔وڏي وزير چيو ته سنڌ جا شهري ثقافتي، راندين، ڪاروباري ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا آهن. هن چيو ته 2022ع جي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان پوءِ، جڏهن صوبي جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو هو، تڏهن سنڌ جي عوام وڏي همت جو مظاهرو ڪندي بحالي جي ڪمن ۾ وڌ چڙهي حصو ورتو۔










