ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪڏهن گل پلازا ۾ باهه لڳڻ ۾ ڪا به غفلت ثابت ٿي ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جو فوري طور تي نوٽيس ورتو آهي.سينئر صوبائي وزير چيو ته سرڪاري مشينري رات کان باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي، باهه سبب ٿيل نقصان جو اندازو باهه وسائڻ کان پوءِ ئي لڳايو ويندو.










