گلن جي نمائش جو مقصد ماحول جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ  آهي

گلن جي نمائش جو مقصد ماحول جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي چڙيا گهر ۾ سالياني گلن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪراچي جي ميئر چيو ته ڪراچي چڙيا گهر کي تفريحي ۽ ماحول دوست جڳهه بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪراچي چڙيا گهر ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي، ۽ چڙيا گهر ۾ جانورن جي بهتر سار سنڀال ۽ سهولتون اسان جي ترجيح آهن. ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته گلن جي نمائش جو مقصد ٻوٽن، وڻن ۽ ماحول جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي چڙيا گهر ۾ وڻ لڳائڻ ۽ سائي علائقن کي وڌايو پيو وڃي، ۽ ڪراچي چڙيا گهر ۾ شهرين لاءِ ثقافتي سرگرميون پڻ منعقد ڪيون ويون آهن. ميئر ڪراچي چيو ته اسان ڪراچي ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺا آهيون، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي بهتري ۽ ترقي جو سفر جاري رکندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ هر ڪو منشور سان گڏ بيٺو آهي ۽ سخت محنت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو