گلشن معمار ۾ پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪرڻ سبب 2 ٻار فوت

گلشن معمار ۾ پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪرڻ سبب 2 ٻار فوت

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) گلشن معمار ۾ پنهنجي گهر ۾ پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪرڻ سبب ٻه ٻار فوت ٿي ويا.پوليس موجب، واقعي وقت ٻار گهر ۾ اڪيلا هئا ۽ شايد اهو حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن اهي راند ڪري رهيا هئا.پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارن جي گم ٿيڻ کان پوءِ گهر وارا پريشان هئا ۽ انهن جي ڳولا شروع ڪئي، جنهن کان پوءِ ٻنهي ٻارن جا لاش پاڻي جي ٽانڪي مان مليا.پوليس موجب، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو