ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪاليج ڊپارٽمينٽ صوبي جي سرڪاري ڇوڪرين جي ڪاليجن ۾ فوٽوگرافي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ۽ هڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ڪاليجز جي ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سوشل ميڊيا تي شاگردياڻين ۽ عورت استادن جي تصويرن جو غلط استعمال ڪيو ويو.
ڪاليجن جي ڊائريڪٽر چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي فوٽوگرافي بابت باقاعدي شڪايتون مليون آهن.
ڪاليجن جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پرنسپلن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي










