گجر نالو ڪيس،مراد شاھه ۽ ميئر طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري گجر نالا ۽ اورنگي ٽائون متاثرن جي بحالي واري ڪيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر نالا ۽ اورنگي نالا متاثرن جي بحالي بابت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري چيو آهي ته عدالت متاثرن جي بحالي لاءِ 2 سال جو وقت ڏنو هو ۽ مهيني جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي هئي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪا به رپورٽ پيش ناهي ڪئي.توهين عدالت تي مراد علي شاهه کي جيل موڪلڻ بابت درخواستگذار جي وڪيل جي درخواست تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته وڏي وزير کي جيل موڪلڻ سان ڇا ٿيندو، اوهان کي به ڦاهي چاهيون ٿا، اهڙن ماڻهن کي حڪم جاري ڪريون ها. ڪجھ شيون آھن جن مان اسان حاصل ڪري سگھون ٿا.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته مراد علي شاهه سڀاڻي اچي چئي سگهي ٿو ته مان وڏو وزير ناهيان، مون پنهنجي دور ۾ گهڻي ڪوشش ڪئي پر عمل نه ٿي سگهيو، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرائڻ چاهيون ٿا.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن نگران حڪومت اڄ ايندي ته لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪندا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي سڀاڻي صبح 11 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو