نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي جو چوڻ آهي ته ڪينيڊا ۾ ڀارت جي دهشتگردي پاڪستان لاءِ حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي، دنيا ۾ جيڪڏهن ڪير ڀارت کي سمجهي ٿو ته اهو اسان آهيون.نيويارڪ ۾ پريس بريفنگ دوران پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي چيو ته ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي الزامن ۾ ڪجهه سچائي آهي. سائرس قاضي چيو ته ڪينيڊا جي ڀارت تي الزامن تي حيران ناهيون، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ عدم استحڪام جي ڪاررواين ۾ ملوث آهي. اسان هندستان جي هڪ حاضر سروس بحري آفيسر کي گرفتار ڪيو آهي. اسان فيبروري 2019 ۾ دفاع ڪيو، جيڪڏهن ضروري هجي ته ٻيهر ڪنداسين. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعي جي ڏينهن جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۽ افغانستان سميت سمورن اهم معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، پرڏيهي وزير جليل عباسي جيلاني سان به اهم ملاقاتون ٿيون. ياد رهي ته ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽس ٽروڊو ڪينيڊا ۾ خالصتان موومينٽ جي اڳواڻ هرديب سنگهه جي قتل ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي ملوث هجڻ جو بيان ڏيڻ بعد بدنام ايجنسي جي سربراهه کي ڪينيڊا ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ٻئي طرف آمريڪا به مطالبو ڪيو آهي ته ڪئناڊا ۾ قتل ٿيل سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
