ڪينيڊا ۾ آزاد خالصتان موومينٽ جو هڪ ٻيو سک اڳواڻ قتل

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ)هڪ ٻيو سک اڳواڻ جنهن هندستان کان الڳ وطن جو مطالبو ڪيو، سک دول سنگهه کي ڪئناڊا ۾ قتل ڪيو ويو.هاڻ خبرون آهن ته ڪينيڊا ۾ خالصا موومينٽ جي هڪ ٻئي سرگرم اڳواڻ سک دوول سنگهه کي به نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق 2017ع ۾ ڀارت کان ڪئناڊا لڏي آيل سک دوول سنگهه کي ڪينيڊا جي شهر وني پيگ ۾ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سک دول سنگهه ڀارت کي گهربل خالصه اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل هو، جيڪو ڀارتي پنجاب پوليس جي آفيسرن جي سهڪار سان ڪينيڊا فرار ٿي ويو ۽ سک اڳواڻ ارشديپ سنگهه (ارشا دالا) جو ويجهو ساٿي هو.

پهنجو تبصرو موڪليو