ڪيس جا دليل ڏيو،چيف جسٽس جو سينيئر وڪيل تي ڪاوڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل تي ڪيس بابت دليل نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.چيف جسٽس آف پاڪستان دليل نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڪيل فياض شيرازي سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته ڪيس جي ميرٽ تي دليل ڏيو، ٻڌايو ته ڇا توهان جي درخواست منظور آهي؟ وڪيل فياض شيرازي چيو ته اسان جو ڪيس ختم ٿي چڪو آهي، جنهن تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته عدالت توهان جو ڪيس ٻڌڻ چاهي ٿي، توهان چئي رهيا آهيو ته ڪيس ختم ٿي ويو آهي، توهان سپريم ڪورٽ جا ڪلارڪ نه پر سينيئر وڪيل آهيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته اوهان جي وڏي عزت آهي ڇو ته اوهان سينيئر وڪيل آهيو ۽ اوهان جو وڏو مقام آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان دليل پيش نه ڪرڻ تي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو