ڪوهسار ٿاڻي جي ڪيس ۾ شيخ جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ڪوهسار ٿاڻي تي ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.شيخ رشيد پنهنجي وڪيلن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پيش ٿيو.بعد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ معلوم ڪندي ته مون تي ڪيترا ڪيس آهن.هن اهو به چيو ته هو 10 ڊسمبر کان چونڊ مهم شروع ڪري رهيا آهن، اصل مسئلو معاشي آهي، صورتحال ماڻهن جي ڪنٽرول مان نڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو