ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جي ويجهو هڪ فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.فائر برگيڊ عملدارن موجب، 8 فائر ٽينڊر ۽ 2 واٽر باؤزر باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو.باهه لڳڻ سبب فيڪٽري جي عمارت خستہ ٿي وئي، ۽ ڪجهه حصن جي ڪري تباهه ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن.عملدارن جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ فائبر جون شيون ٺاهيون ويون هيون، ۽ باهه وسائڻ کان پوءِ فيڪٽري ۾ ٿڌي ڪرڻ جو عمل جاري آهي.










