ڪوبه جمهوري عمل ۾ رنڊڪ نه وجهندو:سپريم ڪورٽ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عام چونڊن بابت ڪيس جو 6 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت سڳوري بيرسٽر عمير نيازي کي نوٽيس جاري ڪري وضاحت گهري ورتي آهي ڇو نه اوهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ چٽن لفظن ۾ حڪم ڏنو هو ته ڪوبه جمهوري عمل ۾ رنڊڪ نه وجهندو.عدالت سڳوري طرفان جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته عمير نيازي بظاهر جمهوري عمل ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش جي ڪوشش ڪئي. هاءِ ڪورٽ 2753 ڊي آر اوز، آر اوز ۽ اي آر اوز کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ ئي وقت چونڊ عمل کي ڊي ريل ڪري ڇڏيو.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي خاص طور تي چونڊن لاءِ مقرر نه ڪيو ويو، مقرر ڪيل آفيسر اڳ ئي بطور انتظامي آفيسر جي طور تي فرض انجام ڏئي رهيا آهن.حڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو وڃي ٿو. عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جي درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو