ڪينٽونمينٽ بورڊز طرفان ٽيڪس جي وصولي غير قانوني قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنٽونمينٽ بورڊن طرفان پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنٽونمينٽ بورڊن طرفان پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊن جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ ڪنٽونمينٽ بورڊن کي پراپرٽي ٽيڪس وصولي جو اختيار ناهي، 4 ڊسمبر 2018 ۾ مختلف دڪانن کي نوٽيس ڏنو ويو ته سڀاڻي آخري ڏينهن آهي پراپرٽي ٽيڪس جمع ڪرايو، 31 ڊسمبر 2018 ۾ ڪنٽونمينٽ ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو هو، ڪنٽونمينٽ بورڊ جنوري 2019 ۾ پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي لاءِ دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڪنٽونمينٽ بورڊ پراپرٽي ٽيڪس وصول نٿو ڪري سگهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آئين جي آرٽيڪل 142 تحت پراپرٽي ٽيڪس وصول نٿو ڪري سگهجي، 18هين ترميم کانپوءِ ڪنڪرنٽ لسٽ ۽ فورٿ شيڊيول ختم ڪيو ويو هو، 18هين ترميم کانپوءِ ڪنٽونمينٽ بورڊز ٽول فيس ۽ پراپرٽي ٽيڪس وغيرا وصول ڪرڻ جو اختيار ڪيو ويو هو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪنٽونمينٽ بورڊن طرفان پراپرٽي ٽيڪس وصولي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ ڪنٽونمينٽ بورڊز جيڪي ٽيڪس ورتا اهن، رهائشي واپس وٺي سگهن ٿا. پر عدالت ڪنٽونمينٽ بورڊن جي وڪيل جي اپيل تي فيصلي تي عملدرآمد ٽن ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو