اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڪنهن به ٻئي ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِٰ چيئرمين عمران خان جي سزا معطلي واري درخواست جي فيصلي کان پوءِ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين ڪنهن به ٻئي ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.عمران خان اها درخواست پنهنجي وڪيل سلمان صفدر ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ايف آءِ اي نيب ۽ پوليس کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
