ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي چيو آهي ته ڪم ڪندڙ عورت لاءِ پنهنجي ڪم واري جاءِ تي وڃي ڪم ڪرڻ ۽ واپس اچي گهر جون ذميواريون نڀائڻ هڪ وڏي ذميواري آهي، جڏهن ته ڪامياب ڪم ڪندڙ عورتن جي پٺيان حمايت ڪندڙ مردن جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي. اڄ اسين قومي سطح تي منعقد ڪيل تقريب ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ موجود آهيون. انهن خيالن جو اظهار هن عورتن جي ترقي واري کاتي ۽ سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي سهڪار سان مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيل نيشنل ورڪنگ وومين ڊي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نجي ٽيليويزن نيٽ ورڪ جي سي اي او سلطانه صديقي، عورتن جي ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري رشيد احمد زرداري، ڪميشن جي چيئرپرسن روبينه بروهي، شيما ڪرماني سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير شاهينه شير علي چيو ته سنڌ حڪومت عورتن جي بااختيار ڪردار بابت انتهائي سنجيده آهي. اسان کي عورتن سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي شڪايتون آن لائن نمبر 1094 تي ملن ٿيون، جن جي حل لاءِ فوري قدم کڻي قانوني ۽ اخلاقي مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته عام طور تي هر هنڌ صرف عورتن کان ئي سمجھوتو ڪرايو ويندو آهي؛ شادي کان پوءِ مرد جو لائف اسٽائل ساڳيو ئي رهندو آهي، جڏهن ته عورتن کي نئين ماحول ڏانهن منتقل ڪري نئين زندگي شروع ڪرائي ويندي آهي. صوبائي وزير چيو ته ننڍي عمر ۾ شادي بابت سنڌ اڳڀرو رهيو آهي، جڏهن ته پنجاب هاڻي شروعات ڏانهن وڌي رهيو آهي. اسان جو بل ڪافي عرصي کان قانونسازي لاءِ نظرانداز ٿيندو رهيو، پر دليل ۽ مستقل مزاجي سان اسان اهو بل منظور ڪرايو. هن چيو ته اڄ فشر فورڪ فورم جهڙي اداري جي چيئرپرسن به هڪ عورت، فاطمه مجيد، آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي جدوجهد جي جيڪا مشعل بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو روشن ڪئي، اها هميشه روشن رکي ويندي. ان کان اڳ عورتن جي ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري رشيد احمد زرداري مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سال 2010ع کان شروع ٿيل نيشنل ورڪنگ وومين ڊي اڄ شايانِ شان طريقي سان ملهايو پيو وڃي. اڄ جي ڏينهن جو مقصد مختلف هنڌن تي ڪم ڪندڙ عورتن کي انهن جي حقن بابت آگاهي ڏيڻ آهي، تنهن ڪري اسين سڀني ڪم ڪندڙ عورتن کي يقين ڏياريندا آهيون ته عورتن جي ترقي وارو کاتو سنڌ هر مشڪل ۾ انهن سان گڏ آهي. تقريب کي نجي ٽي وي نيٽ ورڪ جي سي اي او سلطانه صديقي، سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن روبينه بروهي، اي ايس پي ندا جنيد، پاتھ فائينڊر جي ڊاڪٽر زيب، پي اينڊ ڊي جي فاطمه بلوچ ۽ ٻين به خطاب ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي عورتن کي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ تي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيا ويا.










