ڪلينڪ ۾ ڊرپ لڳرائيندڙ مريض فائرنگ ۾ فوت

ڪلينڪ ۾ ڊرپ لڳرائيندڙ مريض فائرنگ ۾ فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي پراڻي گوليمار ۾ پاڪ ڪالوني ۾ واقع هڪ ڪلينڪ ۾ فائرنگ ۾ هڪ مريض مارجي ويو، پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ عبدالرشيد جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو ڪلينڪ ۾ ڊرپ لڳائي رهيو هو، جنهن دوران هڪ نامعلوم جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول کي مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. واقعو دشمني جو معاملو لڳي ٿو. وڌيڪ جاچ جاري آهي.پوليس موجب، مقتول وڏو بورڊ جو رهواسي، هڪ سماجي ڪارڪن ۽ ملڪيت جو ڪاروبار ڪندڙ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو