ڪرپشن ۾ ملوث ايف بي آر ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چوري جي روڪٿام لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ڪرپٽ ۽ نااهل آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪري ڇڏيا. شهباز شريف جي هدايتن تي ايف بي آر ۾ اربين رپين جي چوري روڪڻ لاءِ ايف بي آر جي ڪرپٽ ۽ نااهل آفيسرن خلاف گھيرو تنگ ڪيو ويو.وزيراعظم جي خاص هدايتن تي انلينڊ روينيو سروس ۽ پاڪستان ڪسٽمز جي گريڊ 21 ۽ گريڊ 22 جي 12 آفيسرن کي مڪمل جاچ کانپوءِ او ايس ڊي بڻايو ويو آهي.ان حوالي سان ٻين کاتن ۾ ڊيپوٽيشن تي ويندڙ ايف بي آر جي ڪرپٽ آفيسرن جون خدمتون به واپس ورتيون ويون ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.ذريعن موجب وزيراعظم ڪرپٽ ۽ نااهل آفيسرن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا.وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته بدعنوان ۽ نااهل آفيسرن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ انهن جي بدلي ايماندار ۽ فرض شناس آفيسرن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو