ڪراچي ۾ کليل گٽرن جا ڍڪ حڪومتي نااهلي جو ثبوت آهن،شيخ

ڪراچي ۾ کليل گٽرن جا ڍڪ حڪومتي نااهلي جو ثبوت آهن،شيخ

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ پي ٽي آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال، پي ايس 09 شڪارپور تي پي ٽي آءِ اميدوار آغا امتیاز، آغا ارسلان، ايم پي اي ريحان بندوڪڊا، محمد علي بلوچ، معظم خان، فاروق ڪورائي، باثر علي خان سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ هڪ اهم پريس ڪانفرنس دوران چيو ته گذريل رات گلشن اقبال ۾ ٽن سالن جو معصوم ٻار ابراهيم کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو. والدين شاپنگ لاءِ نڪتل هئا، حڪومت جي نااهلي سبب کليل گٽرن هڪ ٻئي خاندان جي زندگي اجاڙي ڇڏي.هن چيو ته متاثرين علائقن جي ماڻهن جي مدد سان 15 ڪلاڪن جي ڪوششن کان پوءِ ٻار جو لاش گٽر مان ڪڍيو. سنڌ حڪومت کي 18 سالن ۾ 30 هزار ارب رپيا مليا، پر ڪراچي شهر ۾ گٽرن جا ڍڪ به موجود نه آهن. ميئر پيپلز پارٽي جو آهي، صوبي جي حڪومت پيپلز پارٽي جي آهي، انهن کي ذميواري کان نه پري ٿيڻ ڏبو. هن چيو ته ابراهيم جي قتل جو ڪيس عدالت ۾ وٺي وينداسين. اربين رپيا ٽيڪس ڏيندڙ شهر ڪراچي کي بنيادي سهولتون کان محروم ٿيڻ نه ڏينداسين. معصوم ٻار جي افسوسناڪ واقعي تي بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ ۽ ميئر ڪراچي جواب ڏين ته آخر معصومن جون زندگيون ڇو تباه ڪيون پيو وڃن. ؟ حليم عادل شيخ چيو ته 8 فيبروري جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ليول پليئنگ فيلڊ نه مليو، چونڊ نشان ڇنڻ بعد غير منصفانه ماحول ۾ الیکشن ڪرائڻ تي مجبور ڪيو ويو. فارم 47 ذريعي پي ٽي آءِ جي جيتيل سيٽون ٻين کي منتقل ڪيون ويون. الیکشن 2024 تي اسان 300 صفحن تي مشتمل وائٽ پيپر جاري ڪيو هو جيڪو عالمي ادارن ۽ غير ملڪي ميڊيا رپورٽن تي ٻڌل هو. 158 انتخابي حلقن جون درخواستون داخل ڪيون ويون، پر ڪنهن به تي فيصلي نه آيو.هري پور ۾ کليل ڌاندلي ڪئي وئي. اين اي 18 هري پور ۾ پي ٽي آءِ اميدوار شهرناز عمر ايوب فارم 45 تي 25 هزار ووٽن سان اڳتي هئي، پر فارم 47 ذريعي نتيجا تبديل ڪري مخالف اميدوار کي 43,776 ووٽن سان کٽايو ويو، يعني لڳ ڀڳ 70 هزار ووٽن جو جعلي فرق پيدا ڪيو ويو. اسان وٽ 589 اصل ۽ تصديق ٿيل فارم 45 موجود آهن، جن تي پريزائيڊنگ آفيسرن جا دستخط، انگوٺي ۽ پولنگ ايجنٽن جي تصديق موجود آهي. شهرناز عمر ايوب 395 پولنگ اسٽيشنن ۾ اڳتي هئي. الیکشن ڪميشن جي پورٽل تي فارم 45، 46 ۽ 48 مان ڪوبه اپلوڊ نه ڪيو ويو، جيڪو ڌاندلي جو اعتراف آهي. پريزائيڊنگ آفيسرن کي چند سيڪنڊن ۾ فارم ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، نتيجا غالباً اسلام آباد کان رموٽلي داخل ڪيا ويا.هن اعلان ڪيو ته اهڙي ڌاندلي وارا الیکشن هرگز قبول نه ڪيا ويندا. انهيءَ بنياد تي پي ايس 9 شڪارپور جي ضمني چونڊن جو مڪمل بائڪاٽ ڪيو وڃي ٿو. پي ايس 9 تي اسان جو اميدوار آغا امتیاز مضبوط هو، پر موجوده صورتحال ۾ چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو ڪو فائدو ناهي ڇو ته نتيجا اڳ ۾ ئي تيار ڪيا ويندا آهن. عمرڪوٽ سميت ڪيترن ئي حلقن ۾ نتيجا تبديل ڪيا ويا ۽ چونڊ کي گورڪڌنڌو بڻايو ويو.حليم عادل شيخ چيو ته عمران خان عالم اسلام جو اڳواڻ آهن، هڪ مهيني کان سندن ملاقاتون بند آهن، جيڪا انتهائي تشويشناڪ آهي. صوبي جي عوام جو نمائندو وزيراعليٰ ڪي پي کي به ملاقات جي اجازت نه ڏني پئي وڃي. عمران خان ملڪ ۽ قوم جي حقن لاءِ جيل ۾ قيد آهن ۽ سختيون برداشت ڪري رهيا آهن، قوم کي به فيصلو ڪرڻو پوندو.آغا امتیاز چيو ته چونڊ نشان الاٽ ٿي چڪو هو، پر ڌاندليءَ جي صورتحال سبب چونڊ کان دستبردار ٿيڻ ضروري هو. پي ٽي آئي جي حڪم موجب پي ايس 09 جي ضمني چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيان ٿو. ڊاڪٽر مسرور سيال چيو ته الیکشن ڪميشن جو ڪردار پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين رهيو آهي. فارم 45 کي ڪا اهميت نه ڏني وئي ۽ مخصوص سيٽن جو فيصلو جمهوري تاريخ تي بدنما داغ آهي. شفاف چونڊ هجي ها ته شڪارپور سميت هر جاءِ تي ڪاميابي حاصل ٿيندي. انهيءَ ڪري پي ايس 9 شڪارپور جي ضمني چونڊ جو بائڪاٽ ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ آغا ارسلان چيو ته سنڌ ۾ شهري علائقن سميت ديهي علائقن ۾ به پي ٽي آءِ جي اڪثريت آهي. ڪراچي هجي يا شڪارپور، ضمني چونڊن ۾ فارم 47 اڳ ۾ تيار ڪيو ويندو آهي، عوام جي ووٽ جي ڪا اهميت نه رهي. سنڌ جي شهري علائقن جيان ديهي علائقن ۾ به پي ٽي آءِ جو ووٽ بينڪ مضبوط آهي. اسان جون چونڊ جون تياريون مڪمل هيون، پر ڌاندليءَ وارا الیکشن ڪميشن جي نگراني هيٺ ڪنهن به چونڊ ۾ حصو نه وٺي سگهون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو