ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.شهر جي هوا ۾ نمي جو تناسب 54 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، بلوچستان صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا ۾ اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد مائنس 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.قلات ۾ گرمي پد مائنس 4، نوڪنڊي ۾ 5، سبي ۾ 7، گوادر ۾ 10 ۽ تربت ۾ 12 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو.










