ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ ڳڙن سان گڏ برسات پڻ رڪارڊ ڪئي وئي.برسات کان پوءِ يونيورسٽي روڊ تي سماما شاپنگ مال جي سامهون روڊ تي پاڻي بيٺو، جنهن ڪري ٽريفڪ جي وهڪري متاثر ٿي.اهڙي طرح يونيورسٽي روڊ کان گلستان جوهر تائين روڊ تي کڏن سبب پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، انتظاميا نيڪال لاءِ قدم کڻي رهي آهي.ٻئي طرف ملير هالٽ، رفاح عام ۽ آس پاس جي علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات پئي، جڏهن ته تيز هوائون به هلي رهيون هيون. ملير ڪينٽ ۾ ڳڙي سان گڏ تيز برسات پئي، جڏهن ته گلستان جوهر ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳڙي جا اطلاع پڻ مليا آهن.اهڙي طرح اسڪيم 33 ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ برسات دوران ڳڙا پيا، جڏهن ته گلشن جمال ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ به مينهن ۽ ڳڙا رڪارڊ ڪيا ويا.










